وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته چورن جو ٽولو جيترو مرضي بليڪ ميل ڪري کين اين آر او نه ملندو، ملڪ تي جيڪڏهن چ??رن ?? ڦورئن جي حڪمراني هجي ته اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، ڏکڻ وزيرستان ۾ پنج هزار ڪينال تي نالج سٽي ۽ سمورن رهواسين کي هيلٿ انشورنس جي سهولت ڏئي رهيا آهيون، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز جي زمين جي نشاندهي چڱن مڙسن جي مشاورت سان ڪئي ويندي، خيبرپختونخوا جي وڏي و??ير کي ??صوصي هدايت ڪئي آهي ته اڳوڻي قبائلي علائقن جي فنڊز ۾ ڪابه ڪٽوتي نه ڪري، اڳوڻي فاٽا، ڏکڻ بلوچستان سميت پوئتي پيل علائقن جي ترقي اسان جي ترجيح آهي. ڏکڻ وزيرستان جي علائقي مولاخان سراءِ ۾ چڱن مڙسن کي ??طاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چ??و ته مديني جي رياست جو بنياد قانون جي بالادستي ۽ انصاف جو نظام هو، اڄ به مديني جي رياست جا اصول رول ماڊل آهن، هن چ??و ته ڇا مديني جي رياست هڪدم وجود ۾ اچي وئي هئي، مديني جي رياست ۾ غريب طبقي کي مٿي آندو ويو ۽ فلاحي رياست جو بنياد وڌو ويو هو، اڄ به جديد دنيا جا اصول مديني جي رياست جي ماڊل تي قائم آهن، اسان به ملڪ ۾ اسلامي فلاحي رياست جي قيام لاءِ ڪوشان آهيون،