اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته هائوسنگ جي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن عوام جي لاءِ ذاتي ۽ گهٽ لاڳت واري ڇت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي قومي هائوسنگ، تعميرات ?? ڊولپمينٽ بابت رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نئين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر هائوسنگ، تعيمرات ?? ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي فورم تان ٽيڪس مراعتن، بئنڪ فنانسنگ، مارڪ ا?? سبسڊي، سهولتڪاري رجيم ۽ فور ڪلوزر قانونن جي ڏس ۾ برآمد ٿيندڙ حوصلي جوڳن نتيجن تي بريفنگ ڏني ۽ حڪومتي ۽ نجي شعبي جي هائوسنگ تعميراتي منصوبن ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس کي آگاهه ڪيو.