گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آئون جمهوريت پسند آهيان ڪنهن آمر جي حمايت نٿو ڪري سگهان، ملڪ مان پئسو چوري ڪري ٻاهر ??ڻي ويندڙ ماڻهو ملڪ جا غدار ۽ قومي ڏوهاري آهن، انصاف ۽ قانون جي بالادستي کانسواءِ ملڪ به ملڪ خوشحال نٿو ٿي سگهي، وڏا ۽ طاقتور ماڻهو چوري ڪندا آهن ته ان سان ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، انهن قومن جي تباهي ٿيندي آهي جتي امير ۽ غريب لاءِ ڌار ڌار قانون هجن، منهنجي تربيت چورن جي خل??ف جدوجهد جي آهي ۽ ان جدوجهد ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين، گلگت بلتستان ۾ سياحت جا ايترا موقعا موجود آهن ته هي مرڪز کان پئسا وٺڻ بدران ان کي ڏئي سگهي ٿو، گلگت بلتستان لاءِ 370 ارب روپين جو پيڪيج شروعات آهي وڌيڪ به مدد ڪنداسين، اسڪردو ايئرپورٽ کان عالمي اڏامون هلايون وينديون. گلگت ۾ ترقياتي پيڪيج جي اعلان جي موقعي تي تقريب کي خطب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته گلگت بلتستان جي لاءِ اهڙو پيڪيج ڏيڻ چاهيان ٿو ته جنهن سان هت?? ترقي اچي تنهن هوندي به قرض ۽ ان جون قسطون ڏيڻ جي ڪري پئسا نه هئا، هر جڳهه کان فنڊز جو مطالبو آهي تنهن هوندي به اسان ان جي باوجود گلگت بلتستان لاءِ تاريخي پيڪيج ڏنو آهي، هن چيو ته جڏهن آئون 15 سالن جو هئس تڏهن اسڪول طرفان هت?? جو دورو ڪيو هت?? جا ڊرائيور وڏي مهارت رکندا آهن، کين سلام پيش ڪريون ٿا، هت?? انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ڪري پاڪستان سميت دنيا جو ان سان رابطو نه هو، هي عل??ئقو دنيا کان ڌار هو، هت?? هاڻي به رستا خطرناڪ آهن اسان انهن کي بهتر ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته مون سوئٽزرلينڊ سميت دنيا جي خوبصورت عل??ئقا ڏٺا تنهن هوندي به مون کي فخر آهي ته گلگت بلتستان انهن کان گهڻو خوبصورت آهي، هت?? دنيا جا وڏا جابلو سلسلا، سرسبز ميدان وڌيڪ خوبصورت آهن، جڏهن ٻاهران واپس آيس ته پنهنجي دوستن کي هت?? وٺي آيس مون هت?? جي خوبصورتي کي ڪتابي شڪل ڏني، ان سان دنيا کي ان عل??ئقي جي خوبصورتي کان آگاهي ٿي. هن چيو ته مون تڏهن اه?? واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪڏهن موقعو مليو ته ان عل??ئقي نه پر پوري پاڪستان جي خدمت ڪندس، هن چيو ته ماضي ۾ حڪمران گرميون گذارڻ ٻاهرين ملڪ ويندا هئا، سندن اولاد اتي تعليم حاصل ڪندو هو، سندن جائيدادون اتي هيون، اه?? هن عل??ئقي ۾ هيلي ڪاپٽر تي چڪر لڳائي وٺندا هئا، وزيراعظم چيو ته ان عل??ئقي ۾ انڊسٽريل زورن کان وڌيڪ سمال انڊسٽريز فائديمند ٿي سگهن ٿيون، هت?? جو ميوو دنيا ۾ بهترين ذائقي وارو آهي، هت?? فوڊ پروسيسنگ يونٽس ٺاهي سگهجن ٿا، هت?? سياحت ۾ سڀ کان وڌيڪ موقعا آهن، هي عل??ئقو رقبصي ۾ سوئٽزرلينڊ کان ٻيڻ تي وڏو آهي، هت?? خوبصورتي وڌيڪ آهي.