اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي انطاليا سفارتي فورم جي موقعي تي ڪويت جي پنهنجي هم منصب شيخ ڊاڪٽر احمد ناصر المحمد سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ديرپا اسٽريٽجڪ شراڪتداري لاءِ جامع پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق م??اقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو.