لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس لاهور ۾ پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ ۽ پنجاب جي آءِ جي انعام غني ملاقات ڪئ??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار به موجود هو. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال کانسواءِ قبضا مافيا خلاف ڪارروائي، مهانگائي ۽ ذخيره ا??دو??ي جي روڪٿام لاءِ انتظاميا جي قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. سڄي صوبي ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئ??. و??يراعظم اهڙن واقعن کي روڪڻ ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ فوري ۽ سخت قدمن جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا يقيني بڻائي وڃ??. و??يرعظم عمران خان شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.