اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن. پاڪستان افغانستان ۾ ام?? ۽ ??ياسي استحڪام لاءِ پن??نجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، افغانستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جيڪو پن??نجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ بااختيار آهي، اهڙو اظهار هن ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ ڪينيڊا ٻه طرفان ناتن سيمت افغانستا?? ۽ ??طي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته افغانستان ۾ جٽادار امن خطي جي ترقي ۽ افغان شهرين جي خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. افغان شهرين جي انساني بنيادن تي امداد ضروري آهي، غذائي کوٽ پيدا ٿيڻ جي سببن کي ختم ٿيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن جن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. طالبان حڪومت کي هن وقت فنڊن ۽ وسيلن جي گهٽتائي آهي، مالي ۽ انساني وسيلن جي گهٽتائي سان حڪومت هلائڻ طالبان لاءِ هڪ وڏو چئلينج هوندو. هن چيو ته عالمي برا??ري طالبان کي وقت ۽ وسيلا ڏئي، اميد آهي ته طالبان پن??نجي واعدن تي مڪمل طور عمل ڪندا. افغانستان مان پرڏيهين ?? عالمي برا??ري جي واپسي واري عمل ۾ مدد ۽ معاونت جاري رهندي، ڪينيڊا ۾ ترسيل پاڪستاني برا??ري ٻنهي ملڪن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪينيڊا جي هاءِ ڪميشن جي درخواست تي افغان شهرين جي واپسي تي پاڪستان جا شڪر گذار آهيون. افغانستان مان پرڏيهي?? ۽ ??فغان شهرين کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار غيرمعمولي ڪارنامو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ افغان شهرين لاءِ انساني بنيادن تي امداد ڪئي آهي. پاڪستان طرفان 30 لک افغانين جي سار سنڀال ڪرڻ به واکاڻ جو جوڳو عمل آهي. گهرو وزير شيخ رشيد ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يقيني ڏياريو ته پاڪستان ڪينيڊا جي درخواست تي وڌيڪ ماڻهن کي افغانستان مان ڪڍڻ ۾ معاونت فراهم ڪندو.