اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پاڻي جي تحفظ لاءِ منصوبن تي وقت سر عملدرآمد لاءِ واپڊا جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم ميڊيا ??فيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي واپڊا جي نگراني هيٺ ڀ??شا ۽ مهمند ڊيمن سم??ت مختلف منصوبن تي اڳڀرائي ک??ن آگاهه ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پاڻي جي تحفظ جي منصوبن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ واپڊا جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.