اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهٽ قيمت هائوسنگ منصوبا حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪومت قرضن جي فراهمي ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم ک??ي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقا?? ڪئي. هن اٿارٽي تحت گهٽ قيمت هائوسنگ جي جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪا??ياب پاڪستان تحت بئنڪن کان قرض وٺڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. وزيراعظم انهن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي هداي?? ڪئي.