اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اق??يتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي، ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ۾ اق??يتن جي نمائندگي وڌيڪ آهي ۽ اق??يتن کي وڌيڪ حق ڏنا ويا آهن. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ اق??يتي ميمبر ل??ل چند مالهي جي قيادت ۾ اق??يتن جي وفد سان ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران چئي. صدر چيو ته سنڌ صوبو مذهبي هم آهنگي ۽ برداشت جي حوالي سان ڊگهي تاريخ جو امين آهي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح سدائين ملڪ جي سمورن شهرين جي عقيدي ۽ مسلڪ کان مٿانهون هڪ جهڙن حقن جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ٺٽي ۾ هندومت ۽ ٻڌمت جا تاريخي مذهبي آثار آهن ۽ انهن علائقن ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان جي ترقي ۾ اق??يتن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.