اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان ج??ٽس گلزار احمد اڄ رٽائر ٿي رهيو آهي، هن اقليتن جي عب??دتگ??هن جي لاءِ تاريخي اسٽينڊ ورتو، ان سان سندس عزت ۽ احترام ۾ اضافو ٿيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن هندستان جي عدليه شدت پسندن جي هٿان بي وس نظر اچ?? ٿي، جسٽس گلزار جهڙن ج??ن اقليتن کي سهارو ڏنو ۽ آزاداڻا فيصلا ڏنا، پنهنجي هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن سال سپريم ڪورٽ ۾ پنج جج رٽائر ٿي رهيا آهن، چوڌري فواد حسين چيو ته پارليامينٽ کي نون ج??ن جي مقرري لاءِ آئيني ترميمن تي غور ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن پارليامينٽ سپريم ڪورٽ ۾ مقررين کي آزاد ۽ شفاف بڻائ?? ٿي ته اهو تمام وڏو ڪم هوندو، سياسي پارٽيون پنهنجي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ان اهم ترميم لاءِ غور ڪن.