اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مريم ن??از جي ٽوئيٽ تي ردعمل ۾ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان آزاداڻي طور تي اولهه کي پنهنجو موقف پيش ڪيو پر توهان ماڻهو سدائين غلامي واري سوچ جا حامي رهيا آهيو. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته معذرتخوانه رويو اختيار ڪندا رهيا آهيو ڇو ته ن??از شريف سم??ت توهان جي پوري خاندان جي ڦريل دولت ملڪ کان ٻاهر آهي.