اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوبلي لائف انشورنس ڪمپني کي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي 12 لک روپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪري. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس ڪمپني پاليسي جي يونٽ قيمت جي ??ور تي 12 لک روپين جي ادائيگي جي معاملي کي نظرانداز ڪيو ??هي، ڪمپني بيواهه کي صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا جيڪي مرحوم مڙس پريميم ??ور ڪمپني کي ادا ڪيا هئا، صدر اهو فيصلو پاليسي هولڊر جي بيواهه عفت ناهيد جي پاران وفاقي انشورنس م??تسب جي حڪم جي خلاف داخل اپيل جي شنوائي کانپوءِ ڏنو. وفاقي انشورنس م??تسب مبينه ??ور تي گڏيل ٺاهه جي بني??د تي 45 لک جي ادائيگي کانپوءِ ڪيس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، صدر چيو ??ه انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊرز جي رقم ڪاروبار ۾ لڳائڻ کانپوءِ منافعو ڪمايو، شڪايت ڪندڙ کي منافعي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. جمعي تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شفيق 2016ع ۾ جوبلي لائف انشورنس م??ن پاليسي حاصل ڪئي ۽ ان مد ۾ ڪمپني کي 45 لک روپيا ادا ڪيا، پاليسي هولڊر جي لاڏڻي کانپوءِ ان جي بيواهه دعويٰ داخل ڪئي ته انشورنس ڪمپني کيس پاليسي جي مد ۾ ادا ڪيل صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا آهن، صدر قرار ڏنو ته وفاقي انشورنس م??تسب ٺاهه جي آڙ ۾ واپس ڪيل 45 لک رووپين جي رقم جي اصل نوعيت کي نظرانداز ڪيو ??هي، بيواهه کي صرف مڙس جي ادا ڪيل رقم واپس ڪرڻ انصاف جي اصولن جي منافي ۽ ناجائز آهي. صدر چيو ??ه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 3 تحت رياست هر قسم جي استحصال جي خاتمي کي يقيني بڻائيندي، انشورنس آرڊيننس انشورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ لاءِ جاري ڪيو ويو ??هي، هن چيو ??ه ماڻهن کي ضرورتن ۽ معاشي مجبورين جي ڪري استحصال روڪڻ رياست جي ذميداري آهي، صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي انشورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن اندر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪئي وڃي.