اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪس??ان ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي. گڏيل عرب امارات جي سفير وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي گڏيل عرب امارات پاران پاڪس??ان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي سا??اهيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم رڳو 50 سالن جي عرصي ۾ ملڪ کي تبديل ڪرڻ جي گڏيل عرب امارات جي قيادت جي ويزن کي پڻ سا??اهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، انفراسٽرڪچر، غذائي تحفظ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سميت اقتصادي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ س??ائ??ن خاص لاڳاپا رهيا آهن جن جو بنياد گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ جاگرافيائي ويجهڙائپ تي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ پڻ ويجها رابطا آهن. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي اهم ڪردار کي سا??اهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پل جو ڪردار ادا ??ن ٿا. پاڪس??ان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ اعليٰ سطحي رابطن سان ٻطرفي تعاون کي سگهه ملي ٿي.