اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ڪابينا ملڪي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سڄي دنيا جي ملڪن مان مبارڪباد ??ارا پيغام بهتري جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. پنهنجي ب??ان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چي?? ته ملڪي ترقي جو سفر جتي ختم ٿيو هو اتان شروع ٿيو آهي. هن چي?? ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پنهنجي عهدي جا پهريان 10 ڏينهن ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌندڙ پاڪستان جي نويد ڏئي رهيا آهن. هن چي?? ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي ته مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ڪابينا جا ميمبر ملڪي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن. سندس چوڻ ه?? ته سڄي دنيا جي ملڪن مان سفيرن جا وزيراعظم کي مبارڪباد ??ارا پيغام اٽڪل چار سالن کانپوءِ پرڏيهي پاليسي جي ب??تري طرف وڃڻ جي واضح نشاندهي ڪري رهيا آهن، موجوده حڪومت کي نه رڳو عوامي پر دوست ملڪن جو اعتماد ??ڻ حاصل آهي.