اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سان جمعي علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مول??نا فضل الرحمان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير راڻا ثنا??ُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مول??نا فضل الرحمان ڪابينا جي پهري?? اجلاس ۾ پيش ڪيل ملڪي معيشت جي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪابينا جي گڏجي ملڪ کي انهن مشڪل حالتن مان ڪڍڻ جي عزم کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو.