اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حس??ن جي رهائشگاهه ويو ۽ سندس خيريت معلوم ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چوڌري شجاعت حس??ن وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين ۽ بجيٽ بابت تجويزون ڏنيون ۽ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي هن ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻو آهي. وزيراعظم چيو ته چوڌري شجاعت حس??ن جون تجويزون تمام عوامي آهن ۽ انهن کي ضرور بجيٽ جو حصو بڻائينداسين. هن چيو ته توهان جا ٻئي وزير تمام محنتي ۽ دياندار آهن. ملاقات ۾ نيشنل ??وڊ سيڪيورٽي و??رو وفاقي وزير طارق بشير چيما، سيڙپڪاري بورڊ و??رو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حس??ن، ريلوي و??رو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، پنجاب جو صوبائي وزير ملڪ اح??د خان، مسلم ليگ (ق) جو مرڪزي اڳواڻ چوڌري شافع حس??ن ۽ (ق) ليگ جي ايم اين اي فرح خان پڻ موجود هئا.