اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزا?? ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جو اجلاس اسلام آباد ۾ ڪ??وي??ر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پونڇ ۽ ڊوڊا جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ڪشمير ميديا سروس موجب ڀارتي فوجين 2 آگسٽ 1998ع تي پونڇ جي علائقي سيالان ۾ هڪ ??ي خاندان جي 19 ماڻهن کي رات جي اونداهي ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو. ڀارتي فوج جي 9 راشٽريا رائفلز ۽ ڳ??هي ايجنسي ”را“ جي اهلڪارن گڏجي هڪ ??ي خاندان جي 19 بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو جن کي اڄ تائين انصاف نه مليو. ان خاندان جو ڏوهه اهو هو ته انهن جو پٽ هڪ ??ريت پسند هو. انهي هفتي 25 جولاءِ تي ڊوڊا ضلعي جي علائقي ڪوٽال ۾ هڪ ??ي خاندان جي 5 ماڻهن کي اڳ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بعد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو جن ۾ ٽي عورتون هڪ مرد ۽ هڪ ٻار شامل هو.