اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ان ڏينهن کي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن قرار ڏيندي چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري ڪشميرين تي ظلم جو نئون دور شروع ڪيو. ڀارت جو آئين والاريل رياست کي خصوصي حيثيت ڏيي ٿو ۽ ڪير مستقل شهري اهي ۽ ڪير زمين خريد ڪري سگهي ٿو، انهن ٻنهي آرٽيڪلز کي ختم ڪرڻ کانپوءِ ڪشميرين تي بدترين ظلم شروع ٿي ويا. هن چيو ته ڪشمير هڪ وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو ??هي?? ڪشميرين تي طلم گذريل هڪ صديءَ کان جاري آهن پر آ??ٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي منسوخ ٿيڻ کانپوءِ صور??حا?? خراب ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ڪشمير جي آ??اد?? جو جهنڊو ڦڙڪائي رهيا آهيون.