سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڊيلي ايڪشن ڊيم ۽ پاڻي ذخيرا بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image
APP01-010922 DERA GHAZI KHAN: September 01 - President Dr.Arif Alvi is addressing to flood hit people at relief camp. The President assured the affectees that government would continue to support and offer compensation against the losses. APP photo by Qasim Ghauri

ملتان – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڊيلي ايڪشن ڊيم ۽ پاڻي ذخيرا بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪري سگهجي ۽ وقت تي استعمال ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته مستقبل ۾ فصلن جي انشورنس کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻوڏ يا ٻين قدرتي آفتن جي ڪري آبادگارن جي نقصان جوازالو ٿي سگهي، فصلن جي انشورنس سان نه رڳو اهڙين آفتن ۾ آبادگارن جو نقصان پورو ڪري سگهبو پر عام حالتن ۾ فصل خراب ٿيڻ جي صورت ۾ به انهن کي ادائيگي ٿي ويندي. هن چيو ته هن ڀيري ڊيره غازي خان ۾ ڪوهه سليمان جي نئين ۾ غيرمعمولي پاڻي آيو جنهن انسانن، چوپائي مال، عمارتن ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهچايو. ٻوڏ سان سڄي ملڪ ۾ تباهي ٿي ۽ سمورا صوبا ان صورتحال سان برابر متاثر ٿيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيره غازي خان ۾ فلڊ ريليف ڪئمپ جي دوري جي موقعي تي متاثرين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کي توهان جي مشڪلاتن جو مڪمل ادراڪ آهي. ان موقعي تي متاثرين صدر کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بوائي اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز تنظيمن کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مستقبل ۾ حڪومت، فوج ۽ عوام جي مدد سان اهڙين آفتن سان مقابلو ڪري سگهن. صدر عارف علوي ٻوڏ متاثرين کي چيو ته پهرين مرحلي ۾ اسان جي لاءِ انساني جانيون بچائڻ وڌيڪ اهم هو تنهن ڪري انتظاميا ڀرپور انداز ۾ متاثر علائقن مان ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ جو ڪم ڪيو. ان کانپوءِ هاڻي اسان بحالي جو عمل شروع ڪري رهيا آهيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امڪاني وبائي مرضن کان بچڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن. هن موسميات کاتي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن اهڙي قسم جي آفتن جي اڳواٽ اطلاع ملڻ سان انتظاميا بهتر طور تيار هجي. ان کان اڳ صدر عارف علوي ڊيره غازي خان پهچڻ تي ڪمشنر ڊيره غازي خان کيس ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين کان آگاهه ڪيو ۽ نقصانن جا تفصيل ٻڌايا. ڪمشنر ٻڌايو ته ڊويزن ۾ 7 نئيُون آهن جن ۾ عام طور تي برساتن جو پاڻي اچي ٿو پر هن ڀيري چئن نئين ۾ معمول کان وڌيڪ پاڻي آيو جنهن جي ڪري 2010ع جي ٻوڏ کان به وڌيڪ نقصان ٿيو. هن ٻڌايو ته هيستائين هڪ لک 10 هزار ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ اچي چڪي آهي، ڪُل 48 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا، جن مان 20 ڄڻا ٻوڏ جي پاڻي ۾ وهي وڃڻ جي ڪري ۽ 28 ڄڻا مختلف گهرن جي ڪرڻ سان فوت ٿيا. پنجاب حڪومت فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 8 لک رپيا ڪس ڏئي رهي آهي ۽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ان امداد ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي. ڪمشنر ڊي جي خان چيو ته ٻوڏ جي ڪري 90 ماڻهو سخت زخمي ۽ 800 معمولي زخمي آهن جڏهن ته 83 وڏا ۽ 1136 ننڍا جانور مري ويا آهن، 11 هزار 409 گهر مڪمل تباهه جڏهن ته 13 هزار 275 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي. ڪمشنر صدر کي بريفنگ ڏيندي وڌيڪ ٻڌايو ته هيستائين ريسڪيو جون 92 بوٽس ۽ 1183 ريسڪيو اهلڪارن 20 هزار ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ سبب 1055 ڪلوميٽر رستا، 116 اسڪولن جون عمارتون، 33 اسپتالون ۽ 2 ڪاليجز متاثر ٿيا آهن. ڪمشنر ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ 42 ريليف ڪئمپ، 69 ميڊيڪل ڪئمپ، 70 ويٽرنري ڪئمپ ۽ ٽينٽ وليج به قائم ڪيا ويا آهن. ٻوڏ متاثرين کي رهائش جي لاءِ 12 هزار 604 ٽينٽ مهيا ڪيا ويا آهن جڏهن ته 4 هزار 240 اٽي جا بيگ، 38 هزار 484 راشن بيگز ۽ 2 هزار 353 ديڳون پچايون ويون آهن.

مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ