ثمرقند ??? 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئ??وف سان ملاقات ڪئي ??هي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح ا??ماعيل، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.