اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مذهب تي سياست چمڪائڻ، شهيدن جي خلاف غليظ مهم هلائڻ ۽ قومي مفاد کي وڪرو ڪندڙ هاڻي ڪشمير تي سياست ڪري رهيو آهي، آزاد ڪشمير جي وزير??عظ?? عم??ان خان جي اتساهڻ تي منگلا ڊيم جي مرمت جي منصوبي جي تقريب ۾ افسوسناڪ حرڪت ڪئي، عم??ان خان پنهنجي ٻڏندڙ سياست خاطر آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي بهتري جي منصوبي جي تقريب کي منفي رنگ ڏيڻ جي گهٽيا ۽ مذمت جوڳي چال هلي، سائفر جا منٽس تبديل ڪري قومي مفادن کي ٺيس پهچائيندڙ ”ڪاريگر“ سان ٻي اميد ئي ڪهڙي ڪري سگهجي ٿي؟. عم??ان خان جي بيان تي ردعمل ۾ ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته توشه خانه ڦرڻ ۽ گهڙيون کپائيندڙ هاڻي ڪشمير جي نالي تي پنهنجي گندي ۽ بي شرم سياست ڪري رهيو آهي، ڪشمير فروش وزير??عظ?? شهباز شريف کي نه ٻڌائي ته ڪشمير جي مسئلي تي ڇا ڪرڻو آهي. هن چيو ته ڪشمير تي هڪ ڪلاڪ اٿ ويهه ڪرڻ ۽ رستن ۽ چوڪن جا نالا تبديل ڪندڙ قومي مفاد تي راند کيڏي رهيو آهي. ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته افسوس آزاد ڪشمير جي وزير??عظ?? پنهنجي منصب جو خيال نه رکيو ۽ نه ئي ڪشمير جي مسئلي جي نزاڪت جي پرواهه ڪئي، ذا??ي، پارٽي ۽ سياسي مفادن جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي ان ڀونڊي انداز ۾ استعمال ڪرڻ مناسب نه هو، ان کي ان جو خيال رکڻ گهرجي ها ته هو آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزير??عظ?? جي منصب تي فائز آهي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته آزاد ڪشمير جي وزير??عظ?? ڄاڻي واڻي وزير??عظ?? جي تقريب دو??ان مداخلت ڪئي، وزير??عظ?? شهباز شريف نرمي سان کيس چوندو رهيو ته اسان ويهي ڳالهه ڪنداسين. وزير??عظ?? شهباز شريف ان کي اهو به چيو ته ڪو مسئلو آهي ته هو آزاد ڪشمير جي وزير??عظ?? سان ملي ان کي حل ڪندو. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته وزير??عظ?? شهباز شريف هر عالمي فورم تي ڪشمير ۽ ڪشميرين جي مفادن جي ڀرپور ترجماني ڪئي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي، شنگهائي تعاون تنظيم سميت هر عالمي علائقائي فورم تي ڪشمير جي مسئلي کي پوري قوت سان اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته ڪاش آزاد ڪشمير جو وزير??عظ?? ان جرئت جو اظهار پنهنجي ڪشمير فروش قائد آڏو ڪري ها. ڪشمير فروش جي نالائقي، نااهلي ۽ سازش جي ڪري ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جو غيرقانوني قدم کڻڻ جي جرئت ٿي. ڪشمير فروش مودي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي جون دعائون ڪندو رهيو. ڪشمير فروش چوي ٿو ته مودي جو ٻيهر چونڊجڻ تي ڪشمير جو مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي سڄو پاڪستان متحد ۽ هڪ آواز آهي، ان حساس معاملي کي سياسي ۽ پارٽي ورڇ جي ور نه چاڙهيو، مهرباني ٿيندي.