اسلام آباد ??? 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 16 ڊسمبر دهشتگردي خلاف پوري پاڪستا?? جو آواز هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، سالن کانپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسرجي نه ٿو. اي ??ي ايس سانحي جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هر سال 16 ڊسمبر جو ڏينهن پوري قوم کي ان عذاب ۽ ڏک جي ياد ڏياري ٿو جڏهن دهشتگردن اي ??ي ايس پشاور ۾ ظلم جو داستان لکيو. سالن کانپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسارجي نه ٿو. اڄ اي ??ي ايس سانحي جي شهيدن سان عقيدت ۽ انهن جي پونئير?? جو ڏک ونڊڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيد?? جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي، 16 ڊسمبر دهشتگردي جي خلاف پوري پاڪستا?? جو هڪ آواز ٿيڻ جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن پوري دنيا جي لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خ??تم?? لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. اسان جي اها جدوجهد جاري آهي جيڪا ان لعنت جي مڪمل خ??تم?? تائين انهي مضبوط ارادي ۽ ثابت قدمي سان جاري رهندي.