اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ساهيوال مان ??سلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها گرفتاري سياسي انتقام آهي، اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان جي چوڻ تي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو ??يو ??ڃي، پي ٽي آءِ اڄ به بدترين سياسي انتقام جي پنهنجي منفي روش تي ڪاربند آهي، چار سال توهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏسي چڪا آهيو، سياسي انتقام جو ملڪ ۽ عوام کي ناقابل تلافي نقصان ??يو. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي وانگر هاڻي اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي سياسي استعمال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، سياسي انتقام سان ??خالفن کي ڌمڪائڻ بدران عوامي مسئلن ت?? ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم گرفتار قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪيو.