اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ??وڏ کان متاثر ڪيترائي علائقا اڃان به پاڻي هيٺ آهن، نئين سر تعمير جي پنهنجي حڪمت عملي دنيا ??ڏو رکنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي وزير چيو ته هن دادو جو دورو ڪيو، تباهي آڻيندڙ چوماسي جي برساتن جي 5 مهينن کانپوءِ ??ه ڪيترائي علائقا اڃان به پاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ رڳو 0.8 سيڪڙو حصو وجهي ٿو جڏهن ته اسان موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ??لڪن ۾ 8 هين نمبر تي آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته 9 جنوري تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ اسان دنيا ??ڏو نئين سر تعمير جي حڪمت عملي رکنداسين.