ڪراچي – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينيئر صحافي طاهر نجمي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاو?? هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته طاهر نجمي جي لاڏاڻي جي خب?? ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي، طاهر نجمي مرحوم محنتي صحافي ه??، سندس لاڏاڻو صحافت جي شعبي جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دعاڳو آهيان الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. هن سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ صبر ??مي?? جي دعا ڪئي.