اسلام آباد – 07– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ احتياطي صحت جي سهولتن جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته پاڪستان محدود وسيلن جي ڪري 22 ڪروڙ آبادي جي صحت جي ضرورتن کي علاج جي طريقن سان پورو ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. ايوان صدر ج?? پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلٿ سروسز اڪ??ڊمي جي سينيٽ جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪ??ڊمي جي سينيٽ جي ميمبرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چي?? ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪري گهڻين بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، احتياطي صحت جو طريقيڪار سستو آهي ۽ اهو بيمارين جو بار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چي?? ته پاڪستان کي عوامي صحت جي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هدفن تي ٻڌل منصوبابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته احتياطي صحت ملڪي صحت جي پاليسي جي ترجيح هجڻ گهرجي، ڪجهه ملڪن احتياطي صحت تي ڌيان ۽ انساني وسيلن جي فڪري ترقي تي سيڙپڪاري سان صحت جي شعبي ۾ زبردست بهتري آندي آهي. اجلاس کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن بابت پڻ ٻڌايو ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته وڌندڙ ??رمي پد سان بيمارين جي بار ۾ اضافي جو خدشو آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي شعبي ۾ تحقيق ۽ ترقي جي لاءِ عالمي فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ويو ته ملڪي صحت ج?? پروگرامن ۽ اڪ??ڊمي جي مستقبل جي مالي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وسيلا متحرڪ ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ عوامي صحت جي لاءِ قومي منصوبو جوڙڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ هيلٿ سروسز اڪ??ڊمي جي ٽئين سينيٽ اجلاس جي منٽنس جي پڻ توثيق ڪئي وئي.