اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مقرر پرڏيهي سفيرن ۽ ڊپلوميٽڪ ??ور جي ٻين ميمبرن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو. انٽر فيٿ افطار ڊنر جو اهتمام پرڏيهي ??زارت ۾ ڪيو ويو هو جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاونين، ڊين آف ڊپلوميٽڪ ??ور، اسلامي ملڪن سميت مختلف ملڪن جي سفيرن، پرڏيهي ??زارت جي سينيئر آفيسرن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. پرڏيهي ??عاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جو پرڏيهي ??عاملن وارو خاص معاون سيد طارق فاطمي، پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان، اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ۽ ٻيون شخصيتون پڻ افطار ڊنر ۾ شريڪ ٿيون.