اسلام آباد – 24 – اپريل (ا?? پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته پاڪستان سوڊان جي صورتحال تي نظر رکي آهي ۽ پرڏيهي وزارت اتي موجود پاڪستانين کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ خطي ۾ پنهنجي مشنز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب 427 پاڪست??ني حفاظت سان پورٽ سوڊان پهچي ويا آهن ?? انهن جي اڳئين سفر جي انتظامن کي جامع بڻائڻ کان اڳ ئي انهن جي رهائشگاهه جو بندوبست ڪيو پيو وڃي.