اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ??هي ته سوڊان مان پاڪستاني شهرين جي انخلا جي منصوبي تحت جمعي جي صبح هڪ جهاز سوڊان مان ڪڍيل 149 پاڪستاني شهرين کي کڻي ڪراچي پهچي ويو، اٽڪل 200 پاڪستانين کي کڻي ٻن ٻين اڏامن جي اڄ دير تائين اچڻ متوقع آهي، انهن مان هڪ پورٽ سوڊان ۽ ٻيو ??ده کان پاڪستانين کي ??اپس آڻيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ??ه سوڊان ۾ سيڪيورٽي جي مشڪل صورتحال سان پاڪستانين جو انخلا پرڏيهي وزارت جي قيادت ۾ هڪ مضبوط عالمي ايجنسي جي عمل جي نتيجي ۾ ممڪن ٿيو ??هي. هن چيو ??ه اسان جي انخلا جي منصوبي کي ??رحليوار لاڳو ڪيو ويو ??هي، آپريشن جي پهرين مرحلي ۾ 8 سئو کان وڌيڪ پاڪستانين کي سرطوم کان پورٽ سوڊان پهچايو ويو ??يڪو محفوظ آهي، انخلا جي آپريشن جو ٻيو مرحلو پاڪستاني شهرين کي ??ورٽ سوڊان کان جده سعودي عرب يا سڌوسنئون پاڪستان پهچائڻ آهي. ترجمان چيو ??ه اڄ جون اڏامون پورٽ سوڊان کان جده جي رست?? اچي رهيون آهن، اهو ان ٻئي مرحلي جو پهريون حصو آهي، اضافي اڏامن جو پڻ منصوبو ??اهيو ويو ??هي. هن چيو ??ه پورٽ سوڊان کان جده تائين انخلا جو عمل جاري آهي جنهن ۾ سعودي حڪومت پاران هلائي ويندڙ فيرين جي ذريعي انخلا به شامل آهي، ڪجهه مسافرن کي ??ورٽ سوڊان کان جده جي لاءِ چيني سامونڊي جهاز سان به منتقل ڪيو ويندو. ترجمان چيو ??ه اسان خطي جي دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن ان ڏس ۾ خاص طور تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورا مڃيا جنهن پورٽ سوڊان کان جده تائين فيري جي ذريعي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستاني شهرين جي ملڪ واپسي تائين ميزباني جي ذريعي ان عمل ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان موجب پرڏيهي وزارت ان آپريشن کي ??وس ڪرڻ ۾ ايجنسين جي وچ ۾ عمل جي قيادت ڪندي رهندي، خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ پاڪستان جي سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم ان عمل کي آسان بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي آهي ۽ سوڊان ۾ رهندڙ پاڪستانين جي انخلا ۽ انهن کي ??لڪ واپس آڻڻ تائين امداد فراهم ڪرڻ جاري رکندا. هن چيو ??ه جده ۾ اسان جو قونصليٽ جنرل سعودي عملدارن سان رابطو جاري رکندو ۽ جده جي رستي پاڪستانين ج?? اچ وڃ دوران مدد فراهم ڪندو.