اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ح??ن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ??ي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ح??ايت جاري رکندو. ترجمان چيو ته رمضان ??ي مقدس ??هيني جي پڄاڻي تي اسان کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي يا?? رکڻ گهرجي. هن مقدس ??هيني دوران به قابض ڀارتي عملدارن مذهبي آزادي تي پابنديون لڳائي رکيون آهن، گذريل هفتي قابض عملدارن ڪشميرين کي سرينگر جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز جي ادائيگي کان روڪي ڇڏيو، اهڙي طرح 27 رمضان المبارڪ ??ي مقدس رات تي ملهائي ويندڙ شب قدر ??ي موقعي تي مسجدن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري مقرر هئي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ??ا ته اهي ڪشميرين تي هنيل پابندين کي ختم ڪن جيڪي انهن کي آزادي سان پنهن??ي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ??ي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي ح??ايت جاري رکنداسين.