اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي عالمي ميڊيا کي انٽرويوز ۾ کلي عام غلط بياني ڪري رهيو آهي، 9 مئي جي واقعن کانپوءِ ملڪ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي جي حوالي ??ان ان جو بيان گمراهه ڪندڙ آهي، ان جو مق??د پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ آهي، دنيا جو ڪو به ملڪ پنهنجي سالميت کي تباهه ڪرڻ جي اهڙي ڪوشش کي برداشت نه ڪندو، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته حقن جي خلاف ورزي نه ٿئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عالمي ميڊيا کي پنهنجي انٽرويوز ۾ عمران نيازي جعلي خبرن ۽ غلط معلومات ذريعي کلي عام غلط بياني ڪري رهيو آهي، 9 مئي جي واقعن کانپوءِ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ سياسي احتجاج جي حق کي سلب ڪرڻ جي حوالي ??ان ان جو بيان گمراهه ڪندڙ آهي، جنهن جو مق??د ملڪ کان ٻاهر عوامي راءِ گمراهه ڪرڻ ۽ ملڪ تي دٻاءُ وجهڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو حقيقتن کي صحيح طور تي پيش ڪرڻ چاهي ٿو، عمران نيازي جي پارٽي 9 مئي تي جيڪو ڪيو اهو پاڪستان رياست تي هڪ کليل حملو هو جنهن جا ڪڌا ارادا ۽ مق??د هئا، دنيا جو ڪو به ملڪ پنهنجي سالميت کي تباهه ڪرڻ جي اهڙي ڪوشش کي برداشت نه ڪندو. وزيراعظم چيو ته هو سڀني کي يقين ڏياري ٿو ته ڏوهارين ??ان قان??ن تحت منهن ڏنو ويندو ۽ آئون ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندس ته حقن جي خلاف ورزي نه ٿئي، هر ڪيس کي قان??ن تحت مناسب طريقي ??ان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان انساني حقن بابت پنهنجي سمورين آئيني ۽ عالمي ذميوارين جو مڪمل احترام ڪري ٿو ۽ انهن جي ادائيگي جو پابند آهي.