اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (ميپڪو) ۾ جنسي هراسگي جي ڏوهارين کي ??ليل سزا برقرار ر??ندي ڏنڊ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، صدر عورت ملازم کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جا الزام ثابت ٿيڻ تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خضر حيات کي ??وڪري مان برطرف ڪرڻ جي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار ر??ڻ ۽ ڏنڊ جي رقم کي 5 لک مان وڌائي 10 لک رپيا ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊائريڪٽر (ايڊمن) ميان سهيل افضل کي ??يٺئين عهدي تي تنزلي جي ڏنڊ کي ??ن سالن جي لاءِ برقرار ر??يو ۽ ڏنڊ کي 10 لک رپين مان وڌائي 11 لک رپيا ڪري ڇڏيو ته جيئن متاثر عورت کي ??عاوضو ادا ڪيو وڃ??. هن ڊپٽي ڊائريڪٽر سهيل عباس ۽ ڊائريڪٽر جمشيد احمد نيازي جي بريت کي ??ڻ برقرار ر??يو ڇو ته ان جي خلاف ڪو ٺوس ثبوت يا مواد دستياب نه هو ته هو ڪنهن به شڪ کانسواءِ ان الزام ۾ ڏوهاري ثابت ٿئي. ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني جي هڪ عورت ڪمرشل اسسٽنٽ محتسب ک?? چار ملازمن جي خلاف جنسي هراسمينٽ جي شڪايت داخل ڪئي هئي، عورت ذاتي موبائيل ڊيٽ?? هيڪنگ، ناجائز جنسي مطالبن، ڪوڙين خبرن جي اشاعت ۽ وڌيڪ اشاعت روڪرائڻ جي لاءِ 5 لک رپين جو مطالبو ڪرڻ جا الزام هنيا. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف خضر حيات ۽ ميان سهيل افضل جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئي ته ڏنڊ جي رقم متاثر عورت کي ??عاوضي طور ادا ڪئي وڃ??. صدر ڊپٽي ڊائريڪٽر سهيل عباس ۽ ڊائريڪٽر جمشيد احمد نيازي جي الزامن کان بريت جي فيصلي کي برقرار ر??يو، سهيل عباس ۽ جمشيد نيازي جي خلاف ڪو ٺوس ثبوت يا مواد نه هجڻ جي ڪري بري ڪيو ويو. صدر چيو ته معاشري کي ??ثبت پيغام وڃڻ گهرجي ته عورتن جي هراسگي جي خلاف تحفظ کي ??قيني بڻائينداسين، عورتن کي ڪم واري جڳهه تي پاڻ کي ??حفوظ محسوس ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي، عورتن جي خاندانن کي ??قين ڏيارڻو پوندو ته هراسمينٽ جي صورت ۾ ملڪي قانون سخت ڪارروائي ڪندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جڏهن اسلام آيو ته ان عورتن جي استحصال، زندهه دفن ڪرڻ ۽ جائيداد کان محروم کي ختم ڪيو، اسلام عورتن جو استحصال ختم ڪري ناقابل يقين صنفي برابري عطا ڪئي. صدر چيو ته هراسمينٽ جا اهڙا واقعا اسان جي ملڪ تي هڪ ڌٻو آهن، عوام کي ??وس پيغام وڃڻ گهرجي ته انهن جي ڌيئرن، ڀينرن ۽ مائرن کي ??عاشري ۾ هراسمينٽ کان محفوظ رکيو ويندو، محفوظ ماحول سان عورتون عوامي جاين ۽ ڪم ۾ بنا خوف ۽ خطري جي حصو وٺي سگهنديون، مذهبي ۽ عالمي قدرن کي برقرار ر??ڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃ??. صدر ڪيس ڪنهن سازش جو نتيجو هجڻ جو ڏوهاري جي دعويٰ رد ڪندي چيو ته ڪو به شعور وارو ماڻهو اهو تصور نه ٿو ڪري سگهي ته ڪا عورت رڳو ڪنهن کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ جنسي هراسمينٽ جي ڪوڙي شڪايت ڪري پنهنجي وقار ۽ ساک کي داءُ تي لڳائيندي. هن چيو ته هراسمينٽ جو خاتمو عورت ڪم ڪار واري جڳهه ايڪٽ 2010ع عورتن جي حفاظت جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو، ايڪٽ ڪم جي جڳهه تي پاڻ کي غيرمحفوظ تصور ڪندڙ عورتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ آندو ويو، هراسمينٽ جي خاتمي ايڪٽ جو مقصد جنسي هراسمينٽ ڪندڙن يا مالي حيثيت جو غلط استعمال ڪندڙن کي سبق سيکارڻ آهي. صدر چيو ته جنسي هراسمينٽ جي ڪاررواين جي مذمت ۽ حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ميپڪو انتظاميا عورتن کي ??حفوظ ماحول فراهم نه ٿي ڪري سگهي اهي باوقار زندگي گذارڻ جي لاءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان ڊڄنديون، موبائيل ڊيٽا جي هيڪنگ افسوسناڪ عمل جو شڪار ٿيڻ سان عورتن جي عزت نفس مجروح ٿئي ٿي، ڊيٽ?? هيڪنگ سان عام طور تي عورتن جي جذباتي، ذهني ۽ جسماني صح تي به اثر پوي ٿو، ميپڪو ۾ هيڪنگ جي عمل عورتن جي لاءِ هڪ غيرمحفوظ ماحول پيد اڪيو. صد رچيو ته عورت ملازم جو موبائيل ڊيٽ?? هيڪ ڪرڻ معمولي ڳالهه نه آهي، هڪ ڪڌو ڏوهه آهي، قانون جو طئي ٿيل اصول آهي ته سزا ڏوهه جي شدت موجب هجڻ گهرجي، ثابت ٿي چڪو ته خضر حيات، ميان سهيل افضل جي اتساهڻ تي عورت جي ڊيٽ?? هيڪ ڪئي. صدر چيو ته ڪم واري جڳهه تي ڪنهن جي لاءِ خوف ۽ هراس جو احساس پيدا ڪندڙ هڪ واقعو به هراسمينٽ ڪرڻ آهي، ڏوهه جي شدت کي ??ظر ۾ رکندي خضر حيات ۽ ميان سهيل تي هنيل ڏنڊ ۾ اضافو ڪيو وڃ?? ٿو.