اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي)صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي انشورنس کان پهرين مي??يڪ?? ٽيسٽن جي باري ۾ پاليسي بهتر بڻائڻ جي ه??ايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پريس رليز موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ه??ايت ڪئي ته اسٽيٽ لائيف ڊاڪٽرن جو پنيل جوڙي جيڪو تجويز ڪري ته پاڪستان ۾ عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ پاليسي جاري ڪرڻ کان پهرين ڪهڙيون ٽيسٽون ڪرائڻ گهرجن. صدر اهي حڪم انشورنس ڪمپنين ۽ شهرين طرفان داخل ڪيترين ئي اپيلن جي ڏس ۾ جاري ڪيون آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته انشورنس ڪمپنيون ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪري رهيون آهن، انشورنس ڪمپنيون انشورنس کان اڳ بيماري لڪائڻ جي الزام تي انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيون هيون. پاليسي ه??لڊرز کي مجاز مي??يڪ?? آفيسرز ۽ انشورنس ڪمپنين جي فيلڊ آفيسرز طرفان طبي طور تي فٽ قرار ڏيڻ جي باوجود ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪيو پئي ويو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن خلاف اسٽيٽ لائيف انشورنس جون 2 ڌار ڌار اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر اسٽيٽ لائيف کي ٻن پاليسي ه??لڊرزن جي خاندانن جي ماڻهن کي 36 لک کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي. تفيصل موجب محمد يوسف ۽ عابده بي بي اسٽيٽ لائيف کان ترتيبوار 34 لک ۽ 2 لک روپين جي لائيف انشورنس ??اليسيون حاصل ڪيون، پاليسي ه??لڊرز جي وفات کانپوءِ پوئينرن انشورنس ڪليمز جي ادائيگي لاءِ اسٽيٽ لائيف سان رابطو ڪيو پر انشورنس کان اڳ بيماريون لڪائڻ جو بهانو بڻائي ڪليمز جي رقم ادائيگي کان انڪار ڪيو ويو، اسٽيٽ لائيف کين ان بنياد تي لاڳاپيل رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هو هيپاٽائيٽس سي، گردي جي دائيمي بيماري، دل جي بيماري ۽ هائي بلڊ پريشر جا مريض آهن، پاليسي ه??لڊرز انشورنس کان پهرين انهن بيمارين جي ه??ڻ جو ذڪر ناهي ڪيو، خاندان جي ماڻهن ڌار سان وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن ۾ انهن جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا ويا، ان کانپوءِ اسٽيٽ لائيف صدر مملڪت کي اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي پاليسي ه??لڊرز کي لاڳاپيل مي??يڪ?? آفيسرز ۽ فيلڊ آفيسرز طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو هو، مي??يڪ?? آفيسرز جي ذريعي بيمارين جي موجودگي جو آساني سان پتو لڳائي سگهيو پئي، صدر چيو ته مي??يڪ?? آفيسرن جون خدمتون پاليسيون جاري ڪرڻ کان اڳ پاليسي ه??لڊرز جي طبي معائني لاء?? حاصل ڪيون ويون هيون. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ادائيگين کان انڪار نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ان وٽ مجاز مي??يڪ?? آفيسرز جي ذريعي مبينه بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا موجود هئا. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ناقص بنيادن تي انشورنس ڪليمز کي رد ڪري بدانتظامي جو ارتڪاب ڪيو آهي، اسٽيٽ لائيف انشورنس کان پهرين بيمارين جي موجودگي ثابت ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهي، صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف لاڳاپيل خاندان جي ماڻهن کي 3.68 ملين روپيا ادا ڪري ۽ مي??يڪ?? ٽيسٽ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي کي بهتر بڻائي. صدر چيو ته اسٽيٽ لائيف ذيابيطس ۽ هائپرٽينشن وغيره جهڙين مختلف بيمارين جي باري ۾ انشورنس ??اليسي ۽ پريميم جي حوالي سان طبي مرضن جي خدشن جي بنياد تي ترميم ڪري مستقبل ۾ اهڙي قانوني ڪارروائي کان بچي سگهي ٿي.