لاهور – 24 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ڄ سومر ڏينهن لاهور ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ پيٽروليم صنعت ۾ تعاون جي معاهدي تي صح??حن واري تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو، جڏهن ته لاهور ۽ شيخوپوره ۾ ٽن نئين صنعتي زونز جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لاهور ۾ اومبر اسپيشل اڪنامڪ زون، سندر گرين اسپيشل اڪنامڪ زون ۽ سمارٽ اسپيشل اڪنامڪ زون شيخوپوره جي پيڙهه جو پٿر رکندو. وزيراعظم انهن تقريبن کي خ??اب پڻ ڪندو.