اسلام آباد -12 آگسٽ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي ايمپلائز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) کي سيڪيورٽي گارڊ کان معافي وٺ?? جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته مان پاڪستان جي صدر جي حيثيت سان معافي گهران ٿو. ايوان صدر ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪي?? بيان مطابق صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اي او بي آءِ جي درخواست تي پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي، ته اي او بي آءِ پينشن جي حاصلات لاءِ سيڪيورٽي گارڊ کي آفيس جي اڱڻ ۾ داخل ٿي?? جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن پنهنجي غريب، مخالف ۽ غير دوستاڻي طرز عمل تي گهري نظر وجهي، هڪ عام مزدور کي پينشن لاءِ سالن تائين انتظار ڪرا??ڻ شرمناڪ عمل آهي. صدر مملڪت چيو ته شڪايت ڪندڙ جي فائيل گم ٿيڻ سبب سال گذري ويا آهن، فائيل سفارش ڪرائڻ تي ڳولهي وئي. واضح رهي ته سيڪيورٽي گارڊ افتخار حسين هڪ نجي سيڪيورٽي ايجنسي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ افتخار حسين 2008ع ۾ سروس دوران حادثي جو شڪار ٿي معذور ٿي ويو هو. بعد ۾ سيڪيورٽي گارڊ پينشن لاءِ اي او بي آءِ سان رجوع ڪي??، جڏهن ته اي او بي آءِ پينشن گرانٽ جي ادائگي کان انڪار ڪندي چيو ته افتخار حسين جي ملازمت 15 سالن کان گهٽ آهي، ان لاءِ هو صرف اولڊ ايج گرانٽ جو حقدار آهي جنهن تي رٽائرڊ سيڪيورٽي گارڊ وفاقي محتسب سان رابطو ڪي??. وفاقي محتسب اي او بي آءِ کي ڪيس تي غور ڪر?? جي هدايت ڪئي. وفاقي محتسب جي فيصلي خلاف اي او بي آءِ صدر مملڪت وٽ اپيل دائر ڪئي جنهن کي صدر مملڪت اڪلائيندي چيو ته هڪ عام مزدور (سيڪيورٽي گارڊ) کي انصاف لاءِ ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پيو آهي. صدر مملڪت چيو ته اهو ڄاڻي انتهائي مايوس ٿيو آهيان ته سيڪيورٽي گارڊ جڏهن پنهنجي پينشن جي پيروي لاءِ آفيس ويو ته ان کي اي او بي آءِ جي آفيس ۾ داخل ٿي?? جي به اجازت نه ڏني وئي. هڪ رٽائرڊ آفيسر جي مداخلت کان پوءِ شهري کي آفيس م داخل ڏني وئي. هن چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران اي او بي آءِ جي نمائندي خاطري ڪرائي آهي ته سيڪيورٽي گارڊ جي شڪايت تي قانون مطابق غور ڪي?? ويندو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي اي او بي آءِ جي اپيل کي اڪلائيندي حڪم ڏنو ته سيڪيورٽي گارڊ جي پينشن جي معاملي کي ادا??ي جي چيئرمين بدران ادا??ي جي اٿارٽي آڏو پيش ڪي?? وڃي.