اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري ملڪيتي اد??رن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي اد??رن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، خساري جي ذميواري جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي تهجيئن ان جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن، نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پي آءِ اي جي حوالي سان اعليٰ س??حي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد، نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز جي مالي صورتحال ۽ نجڪاري جي عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم پي آءِ اي جي معاملن تي فيصلاسازي ۾ دير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي ايئرلائين جي نجڪاري جي عمل کي شفاف ۽ تيز ڪيو وڃي ته جيئن ملڪي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ قومي اد??رن جو خسارو انهن مشڪلاتن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، عوام جي ٽيڪسن سان انهن اد??رن جو خسارو پورو ڪرڻ وڌيڪ ممڪن نه آهي، پي آءِ اي ۽ خساري جي شڪار ٻين سرڪاري اد??رن جي نجڪاري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته هوابازي شعبي جي سڌارن سان عوام کي بهترين سفري سهولتون فراهم ??ري سگهبيون. خساري جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ تمام ضروري آهي ته جيئن ان جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻي سگهجن. نگران وزيراعظم چيو ته نجڪاري جي عمل جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي.