ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) بلوچستان جي نگران وڏي وزير مير علي مردان خان ڊومڪي سان تعليم ۽ پيشيوراڻي ت??بيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ملاقات ڪئي ۽ وفاقي حڪومت جي ت??اون سان بلوچستان جي ت??ليمي ۽ فني ت??ليم جي مخصوص ادارن ۾ جاري پروگرامن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ناڻي ۽ روينيو وارو نگران صوبائي وزير امجد رشيد ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. مير علي مردان خان ڊومڪي ت??ليم واري وفاقي وزير طرفان صوبي ۾ جاري منصوبن کي ساراهيو، هن چيو ت?? وفاقي حڪومت جي ت??اون سان بلوچستان ۾ جديد فني ت??ليم جي ادارن کي فعال ڪنداسين، ان مقصد لاءِ عالمي ۽ قومي مارڪيٽ جي گهرج موجب تربيت يافته افرادي قوت پيدا ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ ادارن جي صلاحيت وڌائي ويندي ۽ فني ت??بيت جي فراهمي لاءِ قائم ادارن کي فعال بڻايو پيو و??ي، نگران وڏي وزير چيو ت?? موجوده دور جي گهرجن موجب فني ت??ليمي ادارن جي معيار کي ڀروسي جوڳو بڻائي انهن جي ساک بهتر بڻائي وڃي ته جيئن لاڀائتا نتيجا حاصل ٿي سگهن. مير علي مردان ڊومڪي نگران وفاقي وزير کي صوبائي حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ت?? بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ تعليم جي بهتري ۽ فني ت??ليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وارا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي وزير مدد علي سنڌي ٻڌايو ت?? وفاقي ادارن جي انتظامي معاملن ۾ بلوچستان سميت سمورن صوبن جي نمائندي يقيني بڻائي ويندي، نرسنگ ۽ ڪلچر لاءِ بلوچستان لاءِ 117 ملين روپيا رکيا ويا آهن اهي وظيفا ميرٽ تي ورهايا ويندا. هن چيو ت?? بلوچستان جي يونيورسٽين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ يونيورسٽين جا ج?? مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چيو ت?? بلوچستان سميت چئني صوبن جي نگران وزيرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي ت??ليم ۽ فني ت??بيت بابت معاملن کي لاڀائتو بڻائيندي ۽ گڏيل مشاورت سان پاڪستان جي ت??ليمي نظام کي هڪ اهڙي رخ طرف وٺي ويندا ج??ي نوجوانن جي بهتر مستقبل جي ضمانت ثابت ٿئي، ان موقعي تي نگران وڏي وزير، نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي کي سوينئر پيش ڪيو جڏهن ته وفاقي وزير پنهنجي ڪتابن جو تحفو وڏي وزير کي پيش ڪيو.