منيلا- 06 ڊسمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي طرفان جاري پڌرائي موجب پ??ڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ اها رقم ٽن مختلف منصوبن ت?? خرچ ڪئي ويندي. بئنڪ جو چوڻ آهي ته فنڊن جي فراهمي جو مق??د پائيدار معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ آهي. هي مق??مي وسيلا وڌائڻ ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي تي خرچ ٿيندا، انهن فنڊن سان غذائي تحفظ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان کي تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي موجب اي ڊي بي جو مق??د پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ آهي، ان مان 30 ڪروڙ ڊالر مق??مي وسيلا وڌائڻ لاءِ پاليسي سڌارن ت?? خرچ ڪيا ويندا. اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته پروگرام جو مق??د ٽيڪس، انتظامي معاملا، مينيجمينٽ جا خرچ ۽ سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻڻ آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل يوگيني ز??ڪو?? چيو ته فنانسنگ جي هي اهم نئين لهر پاڪستان کي گذريل سال جي بحران ۽ سپر فلڊ جي اثرن مان نڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ ۾ مدد ڏيندي.