راولپنڊي- 06 فيبروري (اي پي پي) چيئرمين ??وا??نٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد پنهنجي سعودي عرب جي دؤري دوران سعودي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سليمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سلامتي معاملن ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق چيئرمين ??وا??نٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد هن وقت ٻين عالمي دفاعي نمائش لاءِ سعودي عرب جي دؤري تي آهي. هن نمائش ۾ لڳايل مختلف پاڪستاني اسٽالز جو دؤرو ڪيو ۽ الفتح ٽو ميزائل اسٽال جو افتتاح ??ه ڪيو. چيئرمين ??وا??نٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف، جنرل فياض بن حميد ال??ويلي ۽ چيف آف رائل سعودي لينڊ فروسز ليفٽيننٽ جنرل فهد بن عبدالعزيز المطر سان به ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.