اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پاڪس??ان پيپلزپارٽي جي ايم اين اي حا??ي رسول بخش چانڊيو چيو آهي ته ??دين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ترجيح آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ پارٽي جون سخت هدايتون آهن، بدين ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ پارڪ سميت نجي تعليمي ادارن ۾ غريبن جي ٻارن لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرائڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اسلام آباد ۾ پنهنجي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ ڳالهائيندي حا??ي رسول بخش چانڊيو چيو ته هاڻي چونڊن ۾ ڪامياب اهو ٿيندو جيڪو عوام سان رابطي ۾ هوندو ۽ عوام جا ڪم ڪندو. هن چيو ته ??دين ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ٻارن ۽ عورتن جي لاءِ پارڪن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي پارڪ آهن انهن کي وڌيڪ سهولت ڏئي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته ??دين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ترجيح آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ صدر آصف علي زرداري، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر پاران سخت هدايتون ڏنل آهن. هن چيو ته ??دين ضلعي جي غريب ماڻهن جي ٻارن کي نجي تعليمي ادارن ۾ ڪوٽا ڏيارڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته ??دين پاڪس??ان جو سڀ کان آخر وارو علائقو آهي، جتي غربت سڀ کان وڌيڪ آهي پر اسان عوام کي سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته ??ينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ هارين جي لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون آهن پر ان سهولت کي وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏني ويندي ته ????ئن اهي ان مان لاڀ پرائي سگهن. هن چيو ته هاڻي چونڊن ۾ اهو ئي ڪامياب ٿيندو جيڪو عوام سان رابطي ۾ هوندو ۽ انهن جا ڪم ڪندو. حا??ي رسول بخش چانڊيو چيو ته ??ئون بدين جي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي ڪامياب ڪيو آهي. جڏهن ته ??ن موقعي تي پاڪس??ان پيپلزپارٽي ٿرپارڪر جي ضلعي صدر سينيٽر انجنيئر گيانچند چيو ته حا??ي رسول بخش چانڊيو کي بدين جي عوام چونڊي پنهنجو هڪ بهتر نمائندو پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي، حا??ي رسول بخش چانڊيو جي ڪاميابي عوام جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪس??ان پيپلزپارٽي غريبن جي پارٽي آهي ۽ حا??ي رسول بخش چانڊيو جي گهر جا دروازا عوام جي لاءِ سدائين جي لاءِ کليل هوندا آهن ۽ هنن وٽ ڪڏهن به امير ۽ غريب جو ڪو به فرق ناهي رهيو، جنهن جي ڪري ئي عوام ايڏا وڏا ووٽ ڏئي کين ڪامياب ڪيو آهي. جڏهن ته ??ن موقعي تي مير خان چانڊيو، رياض منگي، جانثار مهر، انجنيئر ابراهيم چانڊيو ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون.