اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳ??پن کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ سيڪيورٽي سميت ٻطرفن معاملن جي هڪ وسيع رينج بحث هيٺ آئي. علائقائي اهميت جي مختلف معاملن بشمول غزه جي صو??تحال، بحيره احمر ۽ افغانستان ۾ ٿيندڙ ا??ڀر??ئي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفن کان ٻطرفن لاڳ??پن ۾ موجوده مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.