رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محم?? اسحاق ڊار ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسيري اتاما حاجي محمد بن حاجي حسن سان عالمي تعاون، ترقي ۽ توانائي جي فروغ جي لاءِ خصوصي اج??اس جي موقعي تي ملاقات ڪئي، ورلڊ اڪنامڪ فورم جو اج??اس 28 ۽ 29 اپريل تي س??ودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ وسيع تر لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل وزارتي ڪميشن جي اڳئين دور جو اج??اس هلندڙ سال دوران اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، ڌريون مارڪيٽن جو جائزو وٺنديون ۽ ٺوس اقتصادي نتيجن جي لاءِ مختلف شعبن ۾ پيش ڪيل موقعن مان ڀرپور فائدو کڻنديون. بيان موجب باقاعدگي س??ن اعليٰ سطحي رابطا ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏين ٿا. ان پس منطر ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ملائيشيا جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو. غزه ۾ جاري ان??اني بحران تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ٻنهي ڌرين فوري طور تي گهيراءُ جي خاتمي ۽ فلسطينين کي فوري ان??اني امداد فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته فلسطين مسئلي جو پرامن ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ او آءِ سي جي فريم ورڪ جي ان??ر ويجهي تعاون جي پڻ ضرورت آهي.