اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان برطانيا جي هائوس آف لارڊز جي ميمبر بيرونس سعيده وارثي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن ٻطرفن لاڳاپن ۽ عل??ئق??ئي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران هن پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن بشمول واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ تع??ون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي عز?? جو اظهار ڪيو.