بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي جي وزير ليوجيان چائو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي سياسي پارٽين ۽ چي?? جي ڪميونسٽ پارٽي جي وچ ۾ پراڻي تعاون ۽ مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس موجب سينيٽر اسحاق ڊار چي?? جي بنيادي مسئلن تي پاڪستان جي مضبوط حماي?? جو ورجاءُ ڪيو. وزير ليوجيان پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اعليٰ معيار جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چي?? جي حماي?? جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي اهميت ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پڻ تصديق ڪئي. سي پيڪ جي سمورن منصوبن بشمول ايم ايل – I جي اپ گريڊيشن، گوادر پورٽ ۽ قراقرم هاءِ وي (ڪي ڪي ايڇ) کي ٻيهر جوڙڻ تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي گڏيل عزم ج?? اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شانگلا حملي ۾ چي??ي شهرين جي مارجڻ تي افسوس ۽ صدمي جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگردي جي هر قسم ج?? خاتمي ۽ شانگلا حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ج?? ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ چي??ي منصوبن، اهلڪارن ۽ ادارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي زور ڏنو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ليوجيان چائو کي هن سال سياسي پارٽين جي سي پي?? جوائنٽ ڪنسلٽيٽو مڪينزم ج?? اڳئين اجلا?? جي شريڪ صدارت جي لاءِ پاڪستان جي دوري جي باضابطا دعوت ڏني.