اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ جي دعوت تي 4 کان 8 جون تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم بيجنگ کانسواءِ زيان ۽ شين زن شهرن جو دورو پڻ ڪندو. بيجنگ ۾ قيام دو??ان وزيراعظم صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان وفدن جي سطح تي ڳا??هه ٻو??هه ڪندو. هو نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو لي جي ۽ اهم سرڪاري ادارن جي سربراهن سان ملاقات پڻ ڪندو. بيان موجب وزيراعظم جي دوري جو هڪ اهم رخ تيل ۽ گئس، ت??انائي، آءِ سي ٽي ۽ اڀرندڙ ٽيڪالاجيز جي اهم چيني ڪمپنين جي ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز سان ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم شين زن ۾ ٻنهي ملڪن جي اهم واپارين، ڪاروباري ماڻهن ۽ سيڙپڪارن سان گڏ چين بزنس فورم کي خطاب ڪندو. هو چين ۾ اقتصادي ۽ زرعي زونز جو دورو پڻ ڪندو. وزيراعظم جو چين جو دورو پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو ثبوت آهي جنهن جو خصوصيت اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ ڳا??هه ٻو??هه سان ٿيندي. دوري دو??ان ڌريون گهڻ رُخي موسمي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ تي ڳا??هه ٻو??هه ڪنديون. ڌريون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي اپ ڊيٽ ڪرڻ، واپار ۽ سيڙپڪاري کي اڳتي وڌائڻ، سلامتي ۽ دفاع، ت??انائي، اسپيس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ تعاون کي وڌائڻ سميت ثقافتي تعاون ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏئي پاڪ چين دوستي جي مستقبل جو رخ طئي ڪري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڳا??هه ٻو??هه ڪنديون.