بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چائنا ناردرن انڊسٽري ڪارپوريشن (نورينڪو) جي چيئرمين ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ م??بوط ٿي رهيا آهن. نورينڪو جي چيئرمين محمد شهباز شريف جي پنجاب جي وڏي وزير جي طور ترقياتي منصوبن کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ پنجاب اسپيڊ جو خصوصي ذڪر ڪيو. نورينڪو جي چيئرمين وزيراعظم جي نگراني هيٺ منصو??ن جي رفتار ۽ معيار کي ساراهيندي چيو ته توهان جي سرپرستي ۾ لاهور اورنج ٽرين ميٽرو جو منصوبو وقت سر تيار ٿيو. وزيراعظم نورينڪو جي چيئرمين کي پاڪستان ۾ مواصلات جي منصوبن خاص طور تي ڪراچي سرڪلر ريلوي ۾ ??يڙ??ڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته ٻاهرئين ??يڙ??ڪاري جي لاءِ آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن، ان حوالي سان خصوصي ??يڙ??ڪاري سهولت ڪائونسل حڪومت جو هڪ اهم قدم آهي.