اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غيرروايتي برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان سمورين ضروري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، صنعتڪارن ۽ واپارين کي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته ملڪ جي ناليواري برآمد ڪندڙن صنعتن جي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان وز??راعظم ۽ پاڪستان حڪومت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي حڪومتي معاشي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ۽ حڪومت سان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان ملڪ جي ناليواري برآمد ڪندڙن جي وفد وز??راعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. برآمد ڪندڙن جي وفد صنعتن جي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان وز??راعظم ۽ حڪومت کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي ان کي صنعتي ۽ برآمدي شعبي جي لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. وفد حڪومتي معاشي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت سان هر ممڪن تعاون ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد جو چوڻ هو ته ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙن ۽ ٽيڪس چورن کي سزا ڏيارڻ جي حوالي سان حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وفد جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته برآمدات ملڪي معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته ملڪ تڏهن ئي ترقي ڪندو جڏهن برآمدي شعبو تيز ۽ پائيدار ترقي طرف وڌندو. هن وڌيڪ چيو ته برآمد ڪندڙ احترام لائق آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته غيرروايتي برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وز??راعظم چيو ته اسان کي اڄ اهي فيصلا ڪرڻا آهن جيڪي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ هجن. هن چيو ته برآمدات ۽ جي ڊي پي جي تناسب کي وڌائينداسين. سندس چوڻ هو ته صنعتڪارن ۽ واپارين کي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن لاڳاپيل عملدارن کي تاڪيد ڪئي ته ان حوالي سان ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وز??راعظم جو چوڻ هو ته دستياب وسيلن جي اندر رهندي واپارين ۽ صنعتڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي ويندي. وز??راعظم برآمد ڪندڙن جي سمورن مسئلن جي فوري حل جي حوالي سان وفاقي وز??رن کي وفد سان مشاورت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وز??ر مصدق ملڪ، پاور واري وفاقي وز??ر اويس احمد خان لغاري، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وز??ر علي پرويز ملڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وز??ر شزه فاطمه خواجه، سلمان احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.