اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان عمان جي شهر مسقط ۾ دهشتگردي جي بزدلاڻي و??قعي جي شديد مذمت ڪئي آهي، دهشتگردي جي و??قعي ۾ 4 پاڪستا??ين سميت ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان عمان جي شهر واديءَ ڪبير جي مسجد امام علي بن ابي طالب ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي، پاڪستان عمان کي جاچ ۽ دهشتگردن کي ڪ??هڙ?? ۾ آڻڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي آڇ ڪئي آهي. ترجمان ٻڌايو ته 30 زخمي پاڪستاني مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. پاڪستان جي سفير عمران علي زخمين جي خيريت معلوم ڪرڻ جي لاءِ مقامي اسپتالن جو دورو ڪيو. پاڪستاني سفير لاشن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي و??ن واپسي جي لاءِ عماني عملدارن سان رابطي ۾ آهي. عمان ۾ پاڪستا??ين جي سهولت لاءِ هيلپ لائين قائم ڪئي و??ي آهي.