اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چي?? آهي ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪي?? آهي، ترڪمانستان جي قومي ا??واڻ قربان گلي بردي محمدوف جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون، سندس پاڪستان جو متوقع دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ ترڪمانستانجي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪي??. نا??ب وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا امن ۽ خوشحالي جي گڏيل نصب العين تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي عوام جا هڪ ٻئي سان مضبوط لاڳاپا آهن. سينيٽر اسحاق ڊار چي?? ته ملاقات ۾ اسان ٻطرفي ايجنڊا سان گڏ علائقائي ۽ عالمي ا??ڀرائي جو پڻ احاطو ڪي??. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو ٻطرفي مٽاسٽا ۽ تعاون جي فروغ جي عزم جو اظهار آهي. خوشي آهي ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا مثبت رخ ۾ گامزن آهن. هن چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٻطرفا تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. گڏيل مشاورت جي ٽئين دور ۾ اسان مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو جڏهن ته اسان اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪي?? آهي. نا??ب وزيراعظم چي?? ته اسان سياست، معيشت، دفاع سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪي??. واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ آءِ ٽي جي ترجيحي شعبن ۾ رابطا وڌائڻ تي پڻ غور ڪي?? آهي. هن چي?? ته ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ايس آءِ ايف سي جي اهم ڪردار کان آگاهه ڪي??. اسان ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيون ٿا. پاڪستاني بندرگاهون ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري جي لاءِ پرڪشش موقعا فراهم ڪن ٿيون. ترڪمانستان جون ڪمپنيون گوادر ۽ ڪراچي بندرگاهن مان فائدو کڻن. نا??ب وزيراعظم چي?? ته تاپي گئس پائيپ لائين ۽ اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن منصوبن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ان جو جائزو ورتو ويو. هن چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان آزاد ويزا پاليسي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. اسان ٻطرفي پارلياماني رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪي?? آهي. تعليمي وظيفن ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جو پڻ فيصلو ڪي?? ويو آهي. سينيٽر اسحاق ڊار چي?? ته اسان گڏيل قومن ۽ اي سي او سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چي?? ته ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان پڻ آگاهه ڪي??. ان موقعي تي ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف چي?? ته پاڪستان اسان جو ويجهو دوست ۽ ڀائر ملڪ آهي، مهمان نوازي تي نا??ب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ پاڪستان حڪومت جو ٿورائتو آهيان. هن چي?? ته پاڪستاني هم منصب سان مختلف معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان سان سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون جي موقعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ اسان تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي تي ا??ڀرائي جو پڻ جائزو ورتو.