اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رات دير تائين پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ، ارشد نديم جي پيرس اولمپڪس ۾ پرفارمنس کي سڌوسنئون ڏٺو ۽ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ا??لمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ارشد نديم جي شاندار ڪاميابي ۽ جيولين ٿرو ۾ نئون اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ تي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هنيو. وزيراعظم ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ا??لمپڪس مقابلن ۾ تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان جيڪا فصل خادم اعليٰ پنجاب طور يوٿ فيسٽيول جي ذريعي پوکيءَ، ان جا شاندار ثمر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري رهيا آهن، منهنجي لاءِ ا??ا فخر جي ڳالهه آهي ته ارشد نديم جهڙي باصلاحيت نوجوان کي دريافت ڪرڻ جي لاءِ ا??له رب العزت مون ناچيز کي وسيلو بڻايو. ان ک??ن اڳ وزيراعظم ارشد نديم کي نه رڳو سوني جو تمغو کٽڻ تي پر اولمپڪس جو نئون عالمي رڪارڊ به قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پوري قوم کي ا??شد نديم تي فخر آهي. هن چيو ته ارشد نديم پوري پاڪستاني قوم کي تمام گهڻو خوبصورت تحفو ڏنو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:17